رانديون

وليمسن لاءِ ورلڊ ڪپ جا دروازا اڃا بند ناهن ٿيا: ڪوچ

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ گيري اسٽيڊ چيو آهي تھ مان مڃان ٿو تھ ڪين وليمسن جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جا امڪان گهٽ آهن، پر ورلڊ ڪپ جا دروازا سندس لاءِ بند ناهن ٿيا. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٻڌايو تھ ورلڊ ڪپ ۾ اڃا گهڻو وقت پيو آهي، وليمسن ايونٽ تائين صحتياب ٿي سگهي ٿو، هن جي سرجري ڪامياب ٿي آهي، ري هيب ڪري پيو، تنهنڪري ڪجهه بھ چوڻ مناسب ناهي. هن چيو تھ پاڪستان ۾ ٽي 20 سيريز شاندار رهي، اتي ٽيم مڪمل اسٽرينٿ سان کيڏي رهي آهي، گهڻا رانديگر آئي پي ايل ۾ مصروف آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button