رانديون

ٻڌو هو عمران خان جي چوڻ تي سرفراز کي هٽايو ويو: رومان رئيس

پاڪستاني ڪرڪيٽر رومان رئيس چيو آهي تھ ميڊيا ذريعي ٻڌو هو عمران خان جي چوڻ تي سرفراز کي هٽايو ويو. ٽي وي پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي رومان رئيس چيو تھ ميڊيا ۾ آيو هو تھ عمران خان ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو چيو، سندس اها ڳالهه نھ ٻڌي وئي، شايد ان ڳالهه تي ڪجهه ٿيو هجي ۽ ڳالهه نھ مڃڻ تي سرفراز ڪپتاني تان هٽايو ويو هجي. هن چيو تھ اسان جي ملڪ ۾ اها اميد رکي سگهجي ٿي تھ ڀالي جنهن ماڻهو چيمپيئنز ٽرافي کٽرائي هجي، ٽيسٽ رينڪنگ ۾ 7 نمبر کان 3 پوزيشن ڏياري هجي، ون ۾ نمبر 2 ٽيم بڻائي هجي ۽ ٽي 20 ۾ نمبر ون تي آندو هجي، پر رڳو هڪ ميچ هارائڻ تي کائنس قيادت کسي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button