رانديون

نيپال ۽ ڪويت اي سي سي ليگ ۾ پنهنجا ميچ کٽي وريا

اي سي سي پريميئر ليگ جي جاري مقابلن ۾ گروپ اي ۾ نيپال ۽ ڪويت جي ٽيمن پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق گروپ اي ۾ نيپال جي ڪرڪيٽ ٽيم 68 رنسن تان قطر کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ نيپال جي سنديپ لميڇاني 42 رنسون ٺاهي پاڻ ملهايو، روهت پوئڊل 27، آصف شيخ 19 رنسون ٺاهيون، قطر جي عامر فاروق 4 ۽ اويس احمد 3 وڪيٽون ورتيون، بيٽر 89 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ نيپال جي سنديپ لميڇاني 5 وڪيٽون ورتيون آهن. ٻي ميچ ۾ ڪويت 30 رنسن تان هانگ ڪانگ کي هارايو آهي، جنهن ۾ ڪويت 8 وڪيٽن تي 272 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ شيراز خان 67 ۽ عثمان پٽيل 50 رنسن سان نمايان رهيا، هانگ ڪانگ جي بالر احسان خان 3 وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت بيٽر 242 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جن مان نذاڪت خان 60، اعزاز خان 49 ۽ ياصم مرتضيٰ 43 رنسن سان نمايان رهيا، ڪويت جي بالرن شاهه رخ قدوس 3 ۽ ياسين پٽيل 2 آئوٽ ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button