رانديون

انگلش پريميئر ليگ ۾ مانچيسٽر سٽي آرسنل کي شڪست ڏئي ڇڏي

انگلش پريميئر ليگ جي فٽبال مقابلن ۾ مانچيسٽر سٽي جي ٽيم آرسنل کي هڪ گول جي ڀيٽ ۾ 4 گول ڪري شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ليگ جي ميچ ۾ آرسنل جي رانديگرن ڪيون ڊي بريوني ۽ ايرلنگ هالينڊ شاندار راند کيڏندي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، جنهن ۾ ڪيون ڊي بريوني 2 گول ڪيا، اهڙي ريت جان اسٽونس ۽ ايرلنگ هالينڊ هڪ، هڪ گول ڪري اسڪور کي مضبوط بڻائي ورتو. جڏهن تھ آرسنل پاران ٽيم جو اڪليو گول روب هولڊنگ 86 منيٽ ۾ ڪيو. هوڏانهن مانچيسٽر سٽي جي رانديگر ايرلنگ هالينڊ 38 ميچن ۾ 33 گول ڪري سيزن جو نئون رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button