رانديون

سريلنڪا رنسن جو جبل ٺاهي ورتو، آئرلينڊ 54 تي 2 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون

سريلنڪا گالي ۾ جاري ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ رنسن جو جبل ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن بعد آئرلينڊ ٻي اننگز ۾ رڳو 54 رنسن تي پنهنجا ٻئي اوپنر آئوٽ ڪرائي ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق گالي ۾ جاري ٻي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا 3 وڪيٽن تي 704 رنسون ٺًاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي آهي، جنهن ۾ اينجليو ميٿيوز سينچري تي ناٽ آئوٽ رهيو آهي، نشان مڌوشاڪا 205 ۽ ڪوشل مينڊس 245 اسڪور ڪيو، اهڙي ريت ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني جي بھ سينچري ٺاهيندي 115 رنسون ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي، پر دنيش چنديمل زخمي ٿيڻ سبب رٽائرڊ ٿي پويلين موٽي ويو. آئرلينڊ جي بالرن گراهم همي، اينڊي مڪبرائن ۽ ڪرٽس ڪيمفر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. هوڏانهن آئرلينڊ جي ٻي اننگز ۾ اوپنر جيمز مڪولم 10 ۽ پي جي مور 19 رنسن تي سريلنڪن بالرن جو آساني سان شڪار ٿي ويا آهن، ڪالهه راند ختم ٿيڻ وقت اينڊريو بالبرني 18 ۽ هيري ٽيڪٽر 7 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. سريلنڪن بالرن پرابٿ جئي سوريا ۽ رميش مينڊس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button