اسلام آبادپاڪستان

ڀارتي وزيراعظم يا هم منصب کي ملاقات جو ناهي چيو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم يا پنهنجي هم منصب کي ملاقات جي درخواست ڪئي ئي ناهي وئي. 4 مئي تي ڀارت روانگي آهي، 5 مئي تي واپس اچي ويندس. بلاول ڀٽو پارليامينٽ هائوس ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان درخواست ناهي ڪئي ته رد ڪرڻ جو سوال ڪيئن پيدا ٿئي ٿو. هن چيو ته 4 مئي تي گووا وڃي رهيو آهيان پنج مئي تي واپس اچي ويندس. صحافي سوال ڪيو ته اها استحقاق واري رٿ جنهن جي اوهان گذريل ڏينهن تجويز ڏني، اها ايوان ۾ اچي رهي آهي يا نه. بلاول جواب ڏنو ته مون ته تجويز ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي اڳتي اسپيڪر جو ڪم آهي. صحافي سوال ڪيو ته اسپيڪر جو خط چيف جسٽس جي نالي ڪافي سخت هو، اوهان ڇا ٿا سمجهون، بلاول ڀٽو جواب ڏنو ته مون ته اڃا خط پڙهيو نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button