اسلام آبادپاڪستان

نه هدايت نه ئي ڪو ٽائيم لائن،حڪومت کي ڳالهين لاءِ مجبور نٿا ڪري سگهون:چيف جسٽس

اسلام آباد :چيف جسٽس سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي درخواست تي شنوائي ۾ چيو آهي ته عدالت ڳالهين تي مجبور نٿي ڪري سگهي. اسان نه ڪا هدايت جاري ڪري رهيا آهيون نه ئي ڪا ٽائيم لائن جاري ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ درخواست تي شنوائي ڪئي. اٽارني جنرل آگاهه ڪيو ته 19 اپريل تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو پهريون رابطو ٿيو ۽ 26 اپريل تي ملاقات تي اتفاق ٿيو، 25 اپريل تي اياز صادق ۽ خواجا سعد رفيق جي اسد قيصر سان ملاقات ٿي پر اسد قيصر ٻڌايو ته هو ڳالهين لاءِ بااختيار ناهي. اڱاري تي ميڊيا ذريعي خبر پئي ته شاهه محمود قريشي بااختيار آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين حڪومت ۽ اپوزيشن کي خط لکي ٻنهي کان چار چار نالا گهريا آهن. سينيٽ وفاق جي علامت آهي، تنهن ڪري سينيٽ چيئرمين کي ڳالهين جي ڪوشش لاءِ چيو ويو آهي. ڪوشش هوندي ته ٻنهي ڪميٽين جي اڄ پهرين ملاقات ٿي وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سينيٽ چيئرمين نه حڪومت جو نمائندو آهي نه اپوزيشن جو، هو اجلاس گهرائيندو ان ۾ به وقت لڳندو. حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته پاڻ قدم کڻي، عدالت ڳالهين لاءِ مجبور نٿي ڪري سگهي. عدالت رڳو آئين تي عمل چاهي ٿي ته جيئن تڪرار جو حل نڪري. فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته سموريون حڪومتي اتحادي جماعتون پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي آهن، سينيٽ واحد ادارو آهي، جتي سڀني جماعتن جي نمائندگي موجود آهي. سينيٽ چيئرمين جو ڪردار رڳو سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ڳالهيون ته سياسي جماعتن جي ڪميٽين کي ئي ڪرڻيون آهن. سياسي معاملو سياسي اڳواڻن کي ئي حل ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو حڪومت سنجيده آهي ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ سنجيده آهي، اسان اڄ ئي ويهڻ لاءِ تيار آهيون. چيف جسٽس چيو عدالت جو ڪو حڪم نه رڳو تجويز آهي، قومي مفاد ۽ آئين جي تحفظ لاءِ اتفاق نه ٿيو ته جيئن هلي رهيو آهي ائين ئي هلندو. چيف جسٽس چيو اميد هئي ته ڌرين ۾ اڄ ملاقات ٿيندي، ڳالهيون ته اڳ ۾ ئي ٿيڻ گهرجن ها، عدالتي فيصلا، آئين ۽ قانون موجود آهي. اسان نه ڪا هدايت جاري ڪري رهيا آهيون نه ئي ڪا ٽائيم لائن جاري ڪري رهيا آهيون. هن ڪيس جو لکت فيصلو ۽ مناسب حڪم نامو جاري ڪنداسين. سپريم ڪورٽ ڪيس جي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button