رانديون

پاڪستان ون ڊي ۾ 500 فتحن جو هدف پورو ڪري ورتو

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي ۾ 500 فتحن جو هدف پورو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق پنڊي ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرئين ون ڊي ۾ ڪاميابي سان 500 جو تعداد مڪمل ڪيو آهي، جنهن بعد ون ڊي ۾ پاڪستاني ٽيم تاريخي هدف پورو ڪندڙ دنيا جي ٽين ٽيم بڻجي وئي آهي. جڏهن تھ آسٽريليا 594 ۽ ڀارت 539 ميچن ۾ اڳ ئي ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن. قومي ٽيم سريلنڪا خلاف 92، ڀارت کان 73، ويسٽ انڊيز خلاف 63 ۽ نيوزيلينڊ خلاف 57 ميچ کٽيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button