رانديون

قطر کي فٽبال بعد باسڪٽ بال ورلڊ ڪپ جي ميزباني ملي وئي

قطر پاران فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جو ايونٽ ڪاميابي سان ڪرائڻ بعد کيس باسڪٽ بال ورلڊ ڪپ جي ميزباني پڻ ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق باسڪٽ بال جي عالمي تنظيم فيبا جي گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ ورلڊ ڪپ 2027ع ۾ دوحا ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فيصلي موجب عالمي ڪپ ۾ ڪل 32 ٽيمون حصو وٺنديون، قطر جي ٽيم پاڻمرادو ڪواليفائي ڪندي. هوڏانهن گورننگ باڊي پاران ويمنز باسڪسٽ بال ورلڊ ڪپ 2026ع جي ميزباني جرمني جي شهر برلن کي ڏني وئي آهي. ياد رهي تھ فيفا ورلڊ ڪپ جي انتظامن کان متاثر ٿيڻ سبب فيبا ايونٽ جي ميزباني دوحا کي ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button