رانديون

سعودي پرو ليگ ۾ النصر 4 گولن تان الرائد کي شڪست ڏئي ڇڏي

سعودي پرو ليگ جي جاري مقابلن ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽيم النصر  4 گولن تان الرائد کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق النصر ڪلب جي ٽيم جارحاڻي راند کيڏندي 4 گول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، الرائد ڪوشش ڪرڻ باوجود گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. النصر پاران رونالڊو پهريون گول ڪري ڪاميابي جو بنياد رکيو، جنهن بعد عبدالرحمان غريب، محمد مران ۽ عبدالمجيد الصليحيم هڪ، هڪ گول ڪيو آهي. جڏهن تھ الرائد گول ڪرڻ جا موقعا وڃائي ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button