رانديون

رونالڊو پاران النصر ڇڏڻ ۽ رٽائرمينٽ وٺڻ جو امڪان ظاهر

فٽبال جي دنيا جي عظيم رانديگر پورچوگال جي ڪرسٽيانو رونالڊو جي سعودي فٽبال ڪلب النصر ڇڏڻ ۽ رٽائرمينٽ وٺڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پورچوگال سان تعلق رکندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو پاران سعودي عرب جي ڪلچر ۾ فٽ نھ ٿي سگهڻ ۽ ٻولي کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي سبب فٽبال ليگ ڇڏڻ تي ويچاريو آهي، پر ان بابت ڪا حتمي ڳالهه سامهون نھ اچي سگهي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فٽبال ڪلب ريال ميڊرڊ بھ رونالڊو کي ايمبيسيڊر طور شامل ٿيڻ جي آڇ ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن رونالڊو پاران ريال ميڊرڊ جي آڇ قبولڻ جو مطلب رٽائرمينٽ تي غور ڪرڻ آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ فيبروري ۾ 38 سالن جي عمر ٿيڻ بعد رونالڊو رٽائرمينٽ تي غور ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button