رانديون

ايشيا ڪپ هلندڙ سال نھ ٿيندو: ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا

ڀارتي ميڊيا ايشيا ڪپ جي حوالي سان پروپيگنڊا ڪندي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعوا ڪئي آهي تھ ايشيا ڪپ جو ايونٽ هلندڙ سال نھ ٿيندو. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ هن سال پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿي رهيو آهي، پر ڀارت پاران ٽيم نھ موڪلڻ واري ضد سبب اهو ٿيندو يا نھ ٿيندو، پاڪستان ۾ ٿيندو يا ٻئي ملڪ منتقل ڪيو ويندو، ان بابت حتمي طور ڪو فيصلو ناهي ٿي سگهيو. هوڏانهن ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي تھ بي سي سي آئي ايونٽ کي 5 ملڪي ٽورنامينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ذريعن اها بھ دعوا ڪئي تھ آئي سي سي ۽ اي سي سي بھ ايشيا ڪپ بابت اجلاس نھ سڏايو آهي، نھ وري ميزبان ملڪ پاڪستان سان ان ڏس ۾ ڪو رابطو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button