رانديون

ڪرڪيٽ لاءِ هڪ ٻئي خطري ڪر کينو، ملٽي ٽي 20 ليگ جو منصوبو تيار

ٽي 20 واري فارميٽ ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ هڪ ٻئي خطري ڪر کينو آهي، جيڪو ملٽي ٽي 20 ليگ جي منصوبي طور تيار ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي تھ ڀارت جي ٽي 20 ليگ جي فرنچائيز مالڪن ملٽي ليگ جي رٿابندي جوڙي ورتي، حتمي غور بھ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪا صورتحال ڪرڪيٽ بورڊز جي حوالي سان هرگز مناسب ناهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آسٽريلين پليئرز ايجنٽ نيل ميڪسويل رانديگرن کي خريد ڪرڻ جي نئين رٿا بابت اهم انڪشاف بھ ڪيا آهن. نيل ميڪسويل جو چوڻ آهي تھ ڪجهه رانديگرن کي ملٽي ڪلبز ڊيل جي آڇ ٿي آهي، جنهن سان ڪرڪيٽ ۾ تمام وڏي تبديلي اچي پئي. هن ٻڌايو تھ ڪرڪيٽ بورڊ ملٽي ليگ معاهدي ۾ رانديگرن کي ملندڙ پيسن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، تنهنڪري هي رٿا مٿي جو سور بڻجي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button