پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ ڪري ٻارڙي قتل

نوابشاھه: نوابشاهھ جي علائقي ڪئمپ نمبر ٻه ۾ ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهھ تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب 7 سالن جي معصوم ٻارڙي فاطما ڌي محرم علي سيال شديد زخمي ٿي پئي، جنھن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهھ منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سھي فوت ٿي وئي. جڏھن ته جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي. اطلاع تي حد جي پوليس پھچي جھيڙي تي ڪنٽرول ڪري ورتو. پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ مقتولا نياڻي فاطما جي پي ڳالھائيندي چيو ته ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، جڏهن ته منھنجي ڌي جھيڙو ڏسڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتي ته ان کي گولي لڳي ۽ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ھن گهر ڪئي ته معصوم نياڻي فاطما کي گوليون ھڻي قتل ڪندڙ هٿياربندن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button