رانديون

سريلنڪا ويمن ون ڊي ۾ بنگلاديش کي 58 رنسن تان هارائي ڇڏيو

سريلنڪا ويمن ٽيم ٻئي ون ڊي ۾ بنگلاديش ويمن کي 58 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي سريلنڪا واري دوري دوران ٻي ميچ برسات سبب 30 اوورن تائين محدود ڪئي وئي. جڏهن تھ سريلنڪا پهرين کيڏندي 5 وڪيٽن تي 186 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ چماري اتاپٽو 64 ۽ هرشيتا سماراوڪرما 45 رنسن سان نمايان رهيون. هوڏانهن بنگلاديش جي ٽيم 126 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ نگار سلطانا 37 ۽ فرجانا حق 24 رنسون سان ٺاهي سگهيون. هوڏانهن سريلنڪن بالر اوشاڊي راناسنگهي 5 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button