اسلام آبادپاڪستان

جسٽس فائز خلاف ريفرنس فيض حميد کان به مٿان آيو هو:عمران

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس فيض حميد کان به مٿان آيو هو. اسان افغان حڪومت کي چيو هو ته ٽي ٽي پي کي واپس موڪليو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته منهنجي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ڪئي پئي وڃي، ڊبل سينچري مڪمل ٿي ويندي، ڪرڪيٽ ۾ ته 170 تائين پهتو هيس. هن چيو افغان حڪومت سان ڳالهيون جاري هيون ته ٽي ٽي پي کي ڪيئن واپس موڪلڻو آهي، ان دوران اسان جي حڪومت ختم ٿي وئي. ان وقت ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان وقت تي ٻڌايو ڇڏيو هو ته طالبان واپس اچي رهيا آهن، اسان به وقت تي هر هر ٻڌايو ته طالبان واپس اچي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جون ڳالهيون ٽي ٽي پي سان نه نئين افغان حڪومت سان ٿيون هيون، ٽي ٽي پي اتان آپريٽ ڪري رهي هئي. اسان چيو ته انهن ماڻهن کي واپس موڪليو، اسان جي حڪومت هلي وئي ۽ پي ڊي ايم حڪومت اچي وري ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس فيض حميد کان به مٿان آيو هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف ملڪيت تي فارغ ٿيو، مان پاڻ به لنڊن فليٽ جو جواب ڏنو. اسان کي ته ٻڌايو ويندو هو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، تنهن ڪري فائز عيسيٰ کان به جواب وٺڻو آهي، پوءِ اندازو ٿيو ته ان جو مقصد ڪجهه ٻيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button