اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

اتر وزيرستان ۾ فائرنگ، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 6 جوان شهيد

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ديردوني ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ 2 کي زخمي ڪيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقبال، سپاهي نذير خان، سپاهي حضرت بلال، سپاهي سيد زجب حسين ۽ سپاهي بسم الله جان شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button