اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آءِ ايم ايف ٻيهر پاڪستان کان وياج جي شرح وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ:ارشاد انصاري) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي وياج جي شرح وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاليسي ريٽ وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. عالمي اداري موجب هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 0 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ سراسري مهانگائي جي شرح 27 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي علائقائي جائزي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 0 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ اوسط مهانگائي جي شرح 27 سيڪڙو رهندي. رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ معاشي ترقي جي رفتار ساڍا 3 سيڪڙو تائين وڌي ويندي. جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ اها شرح 6 سيڪڙو هئي. آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ وياج شرح وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ واڌ جي ضرورت آهي. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان، مصر ۽ تيونس ۾ مهانگائي مسلسل وڌي رهي آهي، انهن ملڪن ۾ سخت مانيٽري پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن ملڪن ۾ افراط زر جو دٻاءُ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button