پاڪستانخيبرپختونخوا

پاراچنار ۾ هٿياربندن جو حملو،اسڪول ۾ گهڙي 7 استادن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪرم :خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 7 استادن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا. ڪالهه ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال پارا چنار جي ڊي ايم ايس قيصر عباس ٻڌايو ته فائرنگ جي پهرئين واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جنهن کي اسپتال آندو ويو، جنهن جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ان کانپوءِ فائرنگ جا مختلف واقعا پيش آيا، انهن واقعن ۾ به ماڻهو قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. پوليس موجب اپر ڪرم ۾ شلوزان روڊ تي اڻڄاتل ماڻهن هلندڙ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري مارجي ويو. پوليس ٻڌايو ته ان واقعي کانپوءِ هٿياربندن تري منگل هاءِ اسڪول ۾ گهڙي 7 استادن کي قتل ڪري ڇڏيو. انهن واقعن کانپوءِ سڄي ضلعي جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سمورا رستا سيڪيورٽي خدشن سبب بند ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڪوهاٽ تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ 28 اپريل کان جاري ميٽرڪ جا امتحان به اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيا ويا آهن. پوليس موجب مارجي ويل استاد ميٽرڪ جي امتحانن جي ڊيوٽي تي موجود هئا. هٿياربندن اسڪول ۾ گهڙڻ بعد اسٽاف روم ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب مير حسن، جواد حسين، نويد،محمد حسين، علي حسين ۽ ٻيا قتل ٿي ويا. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر عارف علوي اپر ڪرم ۽ پاراچنار ۾ 8 استادن جي قتل جي شديد مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني ويندي. تعزيتي بيان ۾ ڊيوٽي تي مقرر استادن جي ٻن واقعن ۾ قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button