پاڪستانسنڌ

ريتي پوليس مبينا مقابلو ڄاڻائي ڳوٺاڻي کي ماري ڇڏيو، لاش رکي ڌرڻو

ڏهرڪي/اوٻاوڙو: ڏهرڪي ويجهو ريتي پوليس مبينا مقابلي ۾ ڳوٺاڻي کي ماري ڇڏيو. خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ريتي پوليس مبينا مقابلي ۾ ڳوٺاڻي غلام رسول پتافي کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس نوجوان جو لاش واقعي واري هنڌان کڻائي ڏهرڪي سول اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ريتي پوليس جو چوڻ هو ته پوليس کي خفيا اطلاع مليو ته ڳوٺ مارو والا وٽ ڪجهه ڏوھاري ڏوھه جي اداري سان بيٺل آھن، جنهن بعد مليل اطلاع تي پوليس پهتي ته ڏوھارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ميرپوماٿيلو جي ڪوري کوهه واسي غلام رسول پتافي طور ٿي آهي، ارجي ويل ڏوهاري جي ڪيسن بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي اسپتال ۾ مبينا ڏوهاري غلام رسول پتافي جي ڀاءَ نادر پتافي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته منهنجو ڀاءَ ڏوهاري نه هو ۽ نه ئي وري هن مٿان ڪو ڪيس داخل ٿيل آهي، 4 سالن کان موساڻي برادري جي ماڻهن سان ڪارنهن تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان علي گوهر موساڻي، پانڌي، علي دوست موساڻي ۽ ٻين ڀاءَ غلام رسول پتافي کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ بعد هن جو لاش پوليس حوالي ڪيو آهي، جنهن بعد پوليس انهن سان ملي سندس ڀاءَ کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ڀاءُ غلام رسول کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي. ٻئي طرف اهڙي واقعي خلاف مارجي ويل نوجوان غلام رسول پتافي جي وارثن ۽ برادري جي درجنين ماڻهن پنهنجي معصوم ٻارن ۽ عورتن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي ڪوري کوهه وٽ نيشل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. مارجي ويل ڳوٺاڻي جي زال مائي نسيم پتافي، نظام دين، شوڪت پتافي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان کي پوليس نه پر موساڻي برادري جي ماڻهن اغوا ڪري ناحق قتل ڪيو آهي. جڏهن ته ٽن ڪلاڪن کان پو پوليس عورتن ۽ مردن تي لٺبازي ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button