رانديون

بنگلاديش ويمن ٽي پهرين 20 ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ سريلنڪا جي ويمن ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ويمن ٽيم 6 وڪيٽن تي 145 رنسون ٺاهي سگهي آهي، جنهن ۾ هرشيٿا سمارا وڪرما 45، چماري اتاپٽو 38، نلاڪشا ڊي سلوا 29 رنسن سان نمايان رهيون. بنگلاديش بالر فهيما خاتون 2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن 146 رنسن جي هدف پويان کيڏندي بنگلاديش ويمن جي ٽيم آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن تي هدف ماڻي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ نگار سلطانا 75 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي شاندار اننگز کيڏي وئي، رتو موني 33 رنسن تي رن آئوٽ ٿي وئي، ميچ  ۾ سريلنڪن بالر خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button