رانديون

پاڪستان جي فخر زمان آئي سي سي پليئر آف منٿ ايوارڊ کٽي ورتو

پاڪستان جي ڪرڪيٽر فخر زمان آئي سي سي پليئر آف منٿ آف اپريل جو ايوارڊ کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي پليئر آف دي منٿ آف اپريل لاءِ فخر زمان شاندار راند کيڏندي ايوارڊ جي فهرست ۾ آيو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ فخر زمان هوم گرائونڊ تي فخر شاندار بيٽنگ ڪندي 363 رنسون ڪيون ۽ ايوارڊ حاصل ڪري ورتو، سندس مقابلو نيوزيلينڊ جي بيٽر مارڪ چيپمن ۽ سريلنڪا جي پرابٿ ڊي سلوا سان ٿيو،

آئي سي سي جي پليئر آف منت فار ويمنز چائي وائي

جنهن ۾ هو سوڀارو ٿي ويو آهي. هوڏانهن ويمنز ڪرڪيٽ ۾ آئي سي سي پاران پليئر آف منٿ آف اپريل جو ايوارڊ ٿائيلينڊ جي نيريومول چائي وائي کي مليو آهي. پاڪستاني بيٽر فخر زمان سماجي رابطن واري پيج تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي تھ اپريل منهنجي لاءِ يادگار رهندو، ڇوتھ مون پنهنجي ماڻهن سامهون کيڏي ايوارڊ حاصل ڪيو آهي. هن چيو تھ مارڪ چيپمن جهڙي نموني رنسون ٺاهيون هيون، مون کي لڳو تھ ايوارڊ ان کي ئي ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button