اسلام آبادپاڪستان

عمران جي گرفتاري قانوني،ڪو به تشدد ناهي ٿيو:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري قانون موجب آهي ۽ ڪا انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. ان تي ڪو تشدد به ناهي ڪيو ويو. نيب سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپو کيس گرفتار ڪيو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي گرفتاري القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ڪئي وئي آهي، اسان کي ڪا شڪايت ناهي ته عدالت نوٽيس ورتو آهي، اسان جي گرفتارين وقت عدليا ايتري فعال نه هئي. هن چيو ته عمران خان کي اسلام آباد ۾ ريهيب مرڪز ۾ رکيو وڃي، جتي سندس علاج به ٿي وڃي ۽ جاچ به ٿي وڃي. سندس چوڻ هو ته سڀني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ وارا امن امان ۾ خلل وجهن ۽ روڊ بند ڪن ته انهن کي سختي ۽ طاقت سان منهن ڏنو وڃي. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو جاچ ۾ شامل ٿي وڃي ها ته ريفرنس بنا گرفتاري جي هلي پئي سگهيو. نوٽيسز باوجود عمران خان پيس نه ٿيو، قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ تي نيب طرفان گرفتاري ڪئي وئي آهي، مٿس ڪو تشدد ناهي ڪيو ويو. القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ برطانيا ۾ پراپرٽي ٽائيڪون جي رقم ضبط ڪئي وئي هئي. عمران خان جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي ناهي، ان کان جاچ سان گڏ علاج به ڪيو ويندو. گهرو وزير چيو ته عمران خان خلاف دستاويزي ثبوت موجود آهن، هو ڪيس ۾ پيش نه ٿيو ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو، سندس گرفتاري وارنٽ تي ڪئي وئي، هي انتقامي ڪارروائي ناهي. پر ثابت ٿيل ڊاڪيومينٽڊ ڪرپشن آهي، مان حلف کڻي چوان ٿو ته ان ڪيس جي حوالي سان منهنجي نيب سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي ۽ نه ئي نيب جي چيئرمين سان ملاقات ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button