رانديون

ناروي فٽبال ڪپ ۾ پاڪستاني اسٽريٽ چائلڊ ٽيم شرڪت ڪندي

ناروي فٽبال ڪپ ۾ پاڪستان جي اسٽريٽ چائلڊ ٽيم کي بھ کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب عالمي سطح جي فٽبال ٽورنامينٽ جي وڏي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي اسٽريٽ چائلڊ ٽيم جي چونڊ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. مسلم هينڊز نالي تنظيم جي ترجمان علي چوڌري موجب ٽيم جي چونڊ لا ايندڙ ٻن هفتن دوران اسلام آباد ۾ ٽرائلز ڪرايا ويندا، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان رانديگر حصو وٺندا. ياد رهي تھ هي مقابلا اوسلو ۾ 26 جولائي کان 5 آگسٽ تائين ٿيندا، گذريل سال پاڪستان رنر اپ رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button