رانديون

سريلنڪا ويمن ٻئي ٽي 20 ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

سريلنڪا ويمن ۽ بنگلاديش ويمن جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ بيو ٽي 20 ميچ کيڏيو ويو آهي، جنهن ۾ سريلنڪا ويمن 7 وڪيٽن تان بنگلاديش ويمن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي سڄي ٽيم رڳو 100 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ شميما سلطانا، صوڀانا موستري 18، 18 رنسن سان نمايان رهيون، 7 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ داخل نھ ٿي سگهيون آهن. جڏهن تھ سريلنڪا ويمن جي ٽيم 19 اوور ۾ رڳو 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي، جن ۾ چماري اتاپٽو 33، هرشيٿا سماراوڪرما 29، ڪويشا ڊلهاري 20 رنسن سان نمايان رهيون. سريلنڪن بالرز مان اوديشڪا پريبوداني، سگنديڪا ڪماري، اينوڪا راناويرا ۽ ڪويشا ڊلهاري 2،2 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button