رانديون

پاڪستان ون ڊي ۾ ڀارت کان ٻي پوزيشن کسي ورتي

پاڪستان ون ڊي ۾ ڀارت کان ٻي پوزيشن کسي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ ڀارت ٽين پوزيشن تي هليو ويو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي پاران اپڊيٽ سالياني نئين ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان ترقي ڪري ٻي پوزيشن تي پهچي ويو آهي. آئي سي سي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پاڪستاني ٽيم نيوزيلينڊ خلاف 5 ميچن واري سيريز ۾ لاڳيتو 4 ميچون کٽي ريٽنگ 116 پوائنٽس بڻائي ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي. جڏهن تھ آسٽريليا 118 ريٽنگ پوائينٽس سان پهرين نمبر تي برقرار، ٽين پوزيشن 115 پوائينٽس تي ڀارت حوالي ٿي آهي. اهڙي ريت نيوزيلينڊ 4، انگلينڊ 5، ڏکڻ آفريقا 6 نمبر ماڻيو آهي. آئي سي سي موجب بنگلاديش، افغانستان، سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز ٽاپ ٽين ۾ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button