اسلام آبادپاڪستان

يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين:صدر علوي

اسلام آباد : صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط لکي چيو آهي ته عوام ۽ آئون واقعي جي وڊيو ڏسي حيران ٿي وياسين جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم سان غلط ورتاءُ ڏيکاريو ويو. خط ۾ صدر چيو ته اوهان جو ڌيان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان عمران خان جي گرفتاري جي طريقي ۽ نتيجن ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو. صدر چيو ته عمران خان هڪ اهڙي سياسي پارٽي جو سربراهه آهي جنهن کي پاڪستان جي عوام جي وڏي حمايت حاصل آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هن آفيس ۾ زبردستي گهڙيا جتي عمران خان جي بايو ميٽرڪ جو عمل جاري هو. جنهن انداز ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ان سان عالمي برادري ۾ پاڪستان جو تاثر ميرو ٿيو. صدر چيو ته پاڪستان جي دشمنن کي پاڪستان تي چٿر ڪرڻ ۽ پنهنجي شهرين جا حق لتاڙيندڙ ملڪ طور تي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. صدر چيو ته ان قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. بيشڪ عمران خان جي حامين جو هڪ وڏو انگ آهي جيڪو ان جي گرفتاري جا اهڙا منظر ڏسي جذباتي ٿيو. عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ڪري ٽنگ زخمي ٿيڻ باوجود سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان کيس گهيليو ويو. هن چيو ته هي افسوسناڪ واقعو فوج جي عمارتن سميت عوامي ملڪيتن تي هجوم جي حملن جو سبب بڻيو. صدر چيو ته منهنجو مڃڻ آهي ته عوام کي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر کين پرامن ۽ قانوني جي دائري ۾ رهڻ گهرجي. عارف علوي چيو ته تڪليف ڏيندڙ ۽ افسوسناڪ قيمتي حياتيون وڃڻ تي سڀ پريشان آهيون جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي. صدر چيو ته مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، ان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973 جي تحت مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. هن ٻئي بيان ۾ چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اميد ته حالتون بهتر ٿينديون، سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪريان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button