اسلام آبادپاڪستان

عدالتون پناهه گاهه بڻجنديون ته ڏوهاري اڱڻ مان ئي گرفتار ٿيندا:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جڏهن عدالتون ڏوهارين، دهشتگردن ۽ هٿياربند گروهن لاءِ پناهه گاهه بڻيل هونديون ته مجرم کي عدالت جي احاطي مان ئي گرفتار ڪيو ويندو. هڪ ڏوهاري، دهشتگرد، هٿياربند جٿن جي گينگيسٽر کي سپريم ڪورٽ رليف ڏئي رهي آهي. جنهن وقت عدالت هن شخص جا وارنٽ ڪڍيا ته چيو ته اوئي زيبا جج، ان جا وارنٽ کڻي وڃون ته نه ڪائي هڏي بچي ٿي ۽ نه ڪوئي سر ان کي گرفتار ڪرڻ وڃون ته نوڪري نٿي بچي ايڏي مجبوري ڇو آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جو هڪ ڏوهاري آهي جنهن قومي خزاني مان 60 ارب چوري ڪيا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نيب کيس قانوني طور تي گرفتار ڪيو، جنهن کانپوءِ احتساب عدالت به قانوني قرار ڏنو. لاڏلي سپريم ڪورٽ ٻاهران خراب شلوارون به ٽنگي ڇڏيون، جيڪڏهن ان وقت ايئن نه ٿئي ها ته اڄ عدالت جو وقار نه وڃايو وڃي ها. عدالت جو وقار تڏهن وڃايو وڃي ٿو جڏهن ملڪ جو عدالتون هٿياربند جٿن ۽ دهشتگردن جون پناهگاهون بڻجن ٿيون. جڏهن عدالتن جا فيصلا ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪن ٿا، ان وقت عدالتن جو وقار ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن وقت آئين ٽوڙڻ تي چيف جسٽس جي تصوير تي جوتا هنيا ويا هئا. ان وقت عدالت جو وقار وڃايو وڃي ٿو. ان وقت جيڪڏهن اوهان پنهنجي عزت ڪرائي هجي ها ته اڄ هي ملڪ نه سڙندو رهي آهي. خميس تي هتي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان ملڪ اندر چند سئو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد ملڪ، حساس ادارن، رياستي ملڪيتن، مسجدن، اسپتالن ۽ اسڪولن تي حملا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي نيب جاچ لاءِ گرفتار ڪيو. گرفتاري کان پوءِ ملڪ ۾ دهشتگرد ۽ هٿياربند جٿا رياستي ۽ عوامي ملڪيتن تي حملا آور ٿيا. پي ٽي آئي جي قيادت هٿياربند جٿن کي تشدد تي ڀڙڪايو. هن چيو ته هن ملڪ جو 3 ڀيرا چونديل وزيراعطم نوازشريف، آصف علي زرداري، شاهد خاقان عباسي، رانا ثناءُالله، سلمان شهباز، حمزا شهباز، مفتاح اسماعيل سميت ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڀائرن کي گهيلي جيلن ۾ وڌو پئي ويو ان لاڏلي سپريم ڪورٽ ٻاهران خراب شلوارون به ٽنگي ڇڏيون. جيڪڏهن ان وقت ايئن نه ٿئي ها ته اڄ عدالت جي بي توقيري نه ٿئي ها. مريم اورنگزيب چيو ته پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا ويا، پوليس جون گاڏيون ساڙيو ويون، لاهور شهر کي ساڙيو ويو، ان وقت جيڪڏهن عدالت پنهنجي وارنٽ جي عزت ڪرائي ها ته اڄ عدالت جي توهين نه ٿئي ها. هن چيو ته “تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ پاران دهشتگرد، هٿياربند گروهه جي هڪ ڏوهاري کي 48 ڪلاڪن اندر جسماني رمانڊ تي رليف ڏيڻ جو تاثر دهشتگرد جي حمايت آهي”.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button