پاڪستانسنڌ

ڪنڊيارو ڀرسان نوجوان کان ڦر، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري قتل

نوشهروفيروز: گذريل رات ڪنڊيارو لڳ المڪه هوٽل وٽ جوابدارن نوجوان عامر سولنگي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي جوابدارن نوجوان کي چاقو جا وار ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف زخمي نوجوان کي فوري طور تي ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر طبي امداد ڏئي نوابشاهه ريفر ڪيو ته رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. مقتول نوجوان عامر سولنگي جي وارثن سلطان مڪراني، عاقب ملاح ۽ هڪ اڻ ڄاتل خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي. ان حوالي سان وارثن ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته مقتول نوجوان جو جوابدارن سان تعلق هو، انهن وچ ۾ رقم جي ڏي وٺ تان تڪرار ٿيو ۽ جوابدارن مقتول کي قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button