اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ عمران جي گرفتاري غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي،آزادي جو حڪم

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو پر کيس بني گالا وڃڻ جي اجازت نه ڏني. سپريم ڪورٽ نيب طرفان عمران خان جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جي ٻيهر شنوائي جو حڪم ڏيندي فيصلو جاري ڪيو. ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ فواد چوڌري جي درخواست تي شنوائي ڪئي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نيب طرفان القادر ٽرسٽ ۾ گرفتار ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جي شنوائي اڄ صبح 11 وڳي تائين مقرر ڪري فيصلو جاري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. جڏهن ته عمران خان کي لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. سپريم ڪورٽ 7 نقطن تي مشتمل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي 11 وڳي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، نيب ۽ اسلام آباد پوليس عمران خان جي سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آڏو رکي، عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي تائين پوليس لائنز گيسٽ هائوس ۾ رهندو، عمران خان سان ڏهن مهمانن جي ملاقات ٿي سگهي ٿي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم سان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب جي جاچ متاثر نه ٿيندي. سپريم ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب جي وارنٽ تي عملدرآمد غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. ان دوران عمران خان اپيل ڪئي ته پنهنجي گهر بني گالا وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي پر عدالت سندس اها اپيل رد ڪري ڇڏي. ان کان اڳ عمران خان جيئن ئي عدالت ۾ داخل ٿيو ته چيف جسٽس چيو ته ڀليڪار خان صاحب، توهان کي ڏسي خوشي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کي ڪجهه خدشا آهن، توهان کي پرتشدد احتجاج جي خبر هوندي، اهو سياسي عمل جو حصو ٿي سگهي ٿو پر امن کي بحال ڪرڻو آهي، جيڪڏهن امن بحال ٿيو ته آئيني مشينري ڪم ڪري سگهندي. چيف جسٽس چيو ته عدالت چاهي ٿي ته توهان پرتشدد احتجاج جي مذمت ڪيو. عمران خان چيو ته گرفتاري کانپوءِ مون کان منهنجو موبائيل فون ورتو ويو، جنهن کانپوءِ مون کي ڪنهن به واقعي جي ڪا به ڄاڻ نه هئي. ان تي چيف جسٽس چيو ته انتظام ڪيا پيا وڃن، توهان کي ڪجهه خبر پئجي ويندي، اسان فيصلو واپس وٺي رهيا آهيون. پريشان نه ٿيو، بس ڪنهن به سرڪاري يا نجي ملڪيت کي نقصان نه پهچايو، ڇاڪاڻ ته اسان هڪ غريب ملڪ آهيون، هرڪو مصيبت ۾ آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان حمايتين کي چئو ته اهي پرامن رهن. چيف جسٽس چيو ته رياست تڏهن ئي هلي سگهندي جڏهن امن هوندو. هر سياستدان جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪري. الزام آهي ته اوهان جا ڪارڪن روڊن تي آيا ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪيو، اوهان عدالت ۾ ئي مذمتي بيان ڏيو. هن چيو ته توهان عدالت ۾ سرينڊر ڪيو هو، هٿيار ڦٽا ڪندڙ هر شهري کي انصاف تائين پهچڻ جو حق آهي، وارنٽ قانوني هئا يا نه، گرفتاري صحيح نه هئي، هاڻي سڄو عمل اتي هليو ويندو جتي توهان جي بائيو ميٽرڪ ٿي رهي هئي. هاءِ ڪورٽ، هوءَ جيڪو به حڪم ڏيندي، تنهن جا پابند هوندا. چيف جسٽس چيو ته محترمه بينظير کي شهيد ڪيو ويو پر ڪنهن به پرتشدد احتجاج نه ڪيو. چيف جسٽس چيو ته عمران خان اڄ سپريم ڪورٽ جو مهمان هوندو، سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي عمران خان کي اڄ پوليس لائنز گيسٽ هائوس ۾ رکيو ويندو، جتي هو جنهن به شخصيتن سان ملڻ چاهيندو، ان سان ملاقات ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس عمران خان کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏيندي چيو ته شايد توهان کي پنهنجا مخالف پسند نه اچن پر انهن سان ڳالهايو، 23 ڪروڙ عوام انتظار ڪري رهيو آهي ته اسان جي سياستدانن ملڪ جي ٻيڙي کي اڳتي وڌايو، توهان مخالفن سان ڳالهه ٻولهه ڪريو، ان سان اطمينان ٿيندو. چيف جسٽس چيو عمران خان جي سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، تنهن ڪري عدالت جتي چوندي، کيس اتي رکيو ويندو، عمران خان هاڻ سپريم ڪورٽ جي حفاظت ۾ آهي.چيف جسٽس حڪم ڏنو ته عمران خان کي پوليس لائنز جي گيسٽ هائوس ۾ رکيو وڃي، ان دوران وڪيلن ۽ مٽن مائٽن کي ملاقات جي اجازت هوندي. عدالت قرار ڏنو ته 10 ماڻهو عمران خان سان ملاقات ۽ مشاورت ڪري سگهندا.سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ عمران خان کي سخت سڪيورٽي ۾ پوليس لائنز پهچايو ويو، جتي سيڪيورٽي لاءِ ايف سي ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button