رانديون

ثانيا مرزا مڙس جو نالو کڻي صحافي کي لاجواب ڪري ڇڏيو

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا وڏي عرصي بعد مڙس شعيب ملڪ جو نالو کڻي چڀندڙ سوال پڇڻ تي صحافي کي لاجواب ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ثانيا مرزا ڀارت ۾ موجودگي دوران عورت جي ماءُ جي ڪردار بابت تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي صحافي کائنس سوال ڪيو تھ اوهان راند يعني ڪيريئر ۽ پٽ جي معاملي ۾ وقت ڏيڻ کي ڪئين منهن ڏيو ٿا؟ جنهن تي ثانيا مرزا مڙس شعيب ملڪ جو نالو کڻي کيس چپ ڪرائي ڇڏيو آهي. ثانيا مرزا صحافي کي چيو تھ اوهان جيڪڏهن اهو ساڳيو سوال شعيب ملڪ کان پڇيو تھ مان جواب ڏينديس. ان کان تقريب ۾ ڳالهائيندي ثانيا مرزا چيو تھ رانديگرياڻي ۽ ماءُ هجڻ ناتي مون وڏن چيلنجز کي منهن ڏنو، خوشي آهي تھ مائرن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button