رانديون

ڪيمرون نوري ۽ ماريا سڪاري اٽالين اوپن جا ميچ کٽي ورتا

اٽالين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ برطانيا جي ٽينس اسٽار ڪيمرون نوري ۽ يونان جي ويمنز ٽينس رانديگرياڻي ماريا سڪاري پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ٻئي مرحلي ۾ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق مينز سنگل ۾ برطانيا جي ڪيمرون نوري 6، 2 ۽ 6، 3 تان فرانس جي ايليگزينڊ ملر کي شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري چيڪ رانديگرياڻي باربورا استرائڪوف کي ويمنز سنگلز ۾ 6، 1 ۽ 6، 3 تان هارائي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button