رانديون

سريلنڪا ويمن ٽي 20 ۾ بنگلاديش کي هارائي سيريز کٽي ورتي

سريلنڪا جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ميچن واري ٽي 20 ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ سريلنڪا 44 رنسن تان بنگلاديش ويمن کي شڪست ڏني آهي. سريلنڪا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ نلاڪشي ڊي سلوا 63، هرشيٿا سماراوڪرما 51 ۽ ڪپتان چماري اتاپٽو 31 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ بنگلاديش ويمن جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 114 رنسون ٺاهي سگهي آهي، جنهن ۾ سوڀانا موستري 30 ۽ نگار سلطانا 31 رنسن سان نمايان رهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button