رانديون

مودي اسٽيڊيم ۾ ميچ تي ڳڻتي، هاڻ اسين بھ ڀارت نھ وينداسين: نجم سيٺي

پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي تھ احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان جي ميچ رکڻ تي اسان کي ڳڻتي آهي، ڀارت کي ڪيترائي آپشن ڏنا، هاڻ اسين بھ ڀارت نھ وينداسين. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهين دوران نجم سيٺي چٽو موقف اختيار ڪندي ٻڌايو تھ ڀارت کي پاڪستان ۾ کيڏڻ ۽ هائبرڊ ماڊل جي آڇ ڪئي، بي سي سي آئي مين نھ مانو واري ضد تي آهي، تنهنڪري اسان جو ڀارت وڃڻ ممڪن ناهي. هن جو چوڻ هو تھ ڀارت هن وقت سريلنڪا ۽ بنگلاديش کي بھ پاڻ سان ملائي ورتو آهي، هو ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان نھ ايندو تھ اسين بھ ڀارت نھ وينداسين. هن چيو تھ احمد آباد ۾ اسان کي سيڪيورٽي مسئلا وڌيڪ آهن، تنهنڪري ميچ اتي رکڻ وارن ڀارتي قدمن مان لڳي پيو تھ پاڪستان نھ اچي سگهي. هن چيو تھ ڀارت هائبرڊ ماڊل مڃيو تھ آئي سي سي جتي چوندو پاڪستان کيڏڻ لاءِ تيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button