رانديون

ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ ۾ فخر، شان ۽ امام کي کڻڻ جا امڪان

ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ پاڪستان جي امڪاني اسڪواڊ جا نالا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جن مان ڪجهه جي جڳهه پڪي آهي، پر ڪجهه جي نالن تي غور هلي پيو ۽ ڪي امڪاني طور اسڪواڊ ۾ شامل سمجهيا پيا وڃن. مليل تفصيلن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ لاڳيتو 2 سينچريون ٺاهيندڙ فخر زمان، امام الحق، شان مسعود کي اسڪواڊ ۾ کڻڻ جا امڪان آهن. جڏهن تھ بابراعظم قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو، حارث سهيل، محمد رضوان، افتخار احمد ۽ آغا سلمان تي بھ غور ٿي رهيو آهي. اهڙي ريت شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، حارث رئوف جي جڳهه پڪي نظر آئي آهي، پر بالر احسان الله سليڪٽرس جو فيوريٽ بڻيل آهي، اساما مير، محمد نواز ۽ عماد وسيم پڻ غور هيٺ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button