رانديون

گرانٽ بريڊ برن 2 سالن لاءِ پاڪستاني ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

پي سي بي نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ڪرڪيٽر گرانٽ بريڊ برن ٻن سالن لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون نڀائيندڙ گرانٽ بريڊ برن کي هيڊ ڪوچ عهدو ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ گرانٽ بريڊ برن جي تربيت هيٺ قومي ٽيم نيوزيلينڊ خلاف هڪ جي ڀيٽ ۾ 4 ڪاميابين سان سيريز کٽي ورتي هئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ گرانٽ بريڊ برن 2018ع کان 2020ع تائين بھ فيلڊنگ ڪوچ رهي چڪو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي گرانٽ بريڊ برن جو چوڻ هو تھ پاڪستان جي باصلاحيت ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ اعزاز آهي. پي سي بي جي نجم سيٺي چيو تھ، برينڊن تجربيڪار ڪوچ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button