رانديون

بارسلونا 4 سالن بعد لاليگا ڪپ کٽي ورتو، رانديگرن جو جشن

بارسلونا 4 سالن جي وٿي بعد پهريون ڀيرو لاليگا فٽبال ڪپ کٽي ورتو آهي، جنهن دوران رانديگرن فتح جي خوشي ۾ ڀرپور نموني سان جشن ملهايو آهي. ميڊيا مطابق ٽائيٽل جي مقابلي واري راند ۾ بارسلونا 2 جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان اسپانيول کي شڪست ڏني آهي، جنهن ۾ بارسلونا جي رانديگرن مان رابرٽ ليوان ڊائوسڪي 2 گول ڪري فتح ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، الجاندرو بالڊي ۽ جيولس ڪونڊي بھ هڪ هڪ گول ڪري ٽيم کي وڏي برتري ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جڏهن تھ اسپانيول جا رانديگر شديد مزاحمت ڪرڻ باوجود 2 گول ڪري سگهيا، جاوي پوئاڊو ۽ جوزيليو ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button