رانديون

امام الحق نيوزيلينڊ خلاف ميچ دوران غلط ڳالهه نھ ڪئي: مڪي آرٿر

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر چيو آهي تھ امام الحق نيوزيلينڊ خلاف ميچ دوران غلط ڳالهه نھ ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران امام الحق جي هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ جي وضاحت ڪندي مڪي آرٿر ٻڌايو تھ آخري ٻن ون ڊي ميچن ۾ ويهارڻ ڪو عيب ناهي، مون ساڻس ان مسئلي تي ڳالهايو آهي، هڪ ۾ کيس آرام ڏنو ويو، ٻي ۾ معمولي زخمي هو. هن چيو تھ هن جيڪا ڳالهه ڪئي ان ۾ پيار هو، هو انتهائي شاندار رانديگر واريون خوبيون رکي ٿو. ياد رهي تھ امام الحق آخري ٻن ون ڊي ۾ نھ کيڏائڻ تي هڪ معنيٰ خيز پوسٽ سوشل ميڊيا تي رکي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button