رانديون

شاهد آفريدي ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ٿيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ٿيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست کان پري رکڻ گهرجي، ايشيا ڪپ ڪٿي به ٿئي پر هاڻي فيصلو وٺڻ ۾ وڌيڪ دير نه ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان کي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ گهرجي ۽ اسان ڀارت وڃي اهو پيغام ڏئي سگهون ٿا ته اسان کي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪندا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيم جو عالمي ڪپ ۾ سمورو ڌيان کٽڻ تي هئڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button