رانديون

آءِ سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار

دبئي: آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ون ڊي رينڪنگ ۾ ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ون ڊي پليئرز رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، بيٽر فخر زمان ٽئين ۽ امام الحق جو چوٿين نمبر تي موجود آهن، پليئرز رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ريسي وين ڊر ڊوسن جو ٻيو نمبر آهي، آئرلينڊ جو هيري ٽيڪٽر ٻه درجا وڃائڻ بد ستين، پال اسٽرلنگ چار درجا ترقي بعد 19 هين ۽ بنگلاديش جو تميم اقبال هڪ درجو ترقي ڪندي 25 هين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي هڪ درجو وڃائڻ بعد اٺين نمبر تي هليو ويو آهي. ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ جو پهرين نمبر آهي، پاڪستان جو شاهين آفريدي ڏهين نمبر تي موجود آهي. آل رائونڊرن جي رينڪنگ ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جي بدستور پهرين پوزيشن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button