رانديون

پي سي بي ڀارت سان نيوٽرل وينيو تي ٽيسٽ سيريز لاءِ گرين سنگل ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت سان نيوٽرل وينيو تي ٽيسٽ سيريز لاءِ گرين سنگل ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته ڀارت سان آسٽريليا ۾ ٽيسٽ سيريز لاءِ تيار آهيون، پاڪ-ڀارت ٽيسٽ سيريز آسٽريليا، انگلينڊ يا ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪ ڀارت سيريز لاءِ پهريون آپشن انگلينڊ ۽ ٻيو آسٽريليا هوندو، ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ گڏيل عرب رياستن جا ميدان اسان کي سستو پوندا، آسٽريليا کي به اسان نيوٽرل وينيو طور ريڊار تي رکيو آهي.

نجم سيٺي جو چوڻ هو ته ايشيا ڪپ لاءِ ڀارت کي هائبرڊ ماڊل ڏئي چڪا آهيون، هاڻي عالمي ڪپ ۽ چيمپيئنز ٽرافي کي بچائڻ لاءِ آءِ سي سي کي اڳتي اچڻو پوندو. هن چيو ته آءِ سي سي کي ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، ان کي ڀارت کي ٻڌائڻ گهرجي تي پاڪستان وڃي نٿا کيڏڻ چاهيو ته هائبرڊ ماڊل تي عمل ڪيو. واضح رهي ته ڀارت سان ٽيسٽ سيريز بابت گذريل سال کان خبرون اچي رهيون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب ٻه طرفي سيريز ناهي ٿي رهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ آخري ڀيرو گڏيل سيريز 2012 ۾ کيڏي وئي هئي ۽ ٻنهي ٽيمن آخري ڀيرو ٽيسٽ ميچ ڊسمبر 2007ع ۾ کيڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button