رانديون

ايشيا ڪپ، پي سي بي هائبرڊ فارمولي لاءِ دبئي کي ترجيحي وينيو قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: ايشيا ڪپ جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هائبرڊ فارمولي لاءِ دبئي کي ترجيحي وينيو قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب دبئي کي ترجيحي وينيو گيٽ مني سبب قرار ڏنو ويو آهي، پي سي بي جو موقف آهي ته ڪولمبو يا ڪنهن ٻيو وينيو مان دبئي وانگر گيٽ مني حاصل نٿي ٿي سگهي، دبئي کانسواءِ ڪنهن ٻئي وينيو سبب ٿيندڙ گيٽ مني جو نقصان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي پورو ڪرڻ گهرجي. ذريعن موجب پي سي بي نئين سر پيش هائبرڊ فارمولي جي منظوري جي به اميد آهي ۽ سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ها بعد پي سي بي جلد فيصلي لاءِ پُراعتماد آهي.

اي سي سي اجلاس جي حوالي سان پي سي بي کي اڃا تائين آگاهه ناهي ڪيو ويو، پر پي سي بي کي يقين آهي ته هائبرڊ فارمولي ۾ پاڪستان جي ترجيح کي اهميت ڏني ويندي. هائبرڊ فارمولي تحت پاڪستان نيپال خلاف ميچ پنهنجي مُلڪ ۾ کيڏندو، ٽن ميچن ۾ بنگلاديش، افغانستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ ۾ ڀارت جي گروپ ميچن، ٽاپ فور جي ٽيمن سميت فائنل هائبرڊ فارمولي تحت نيوٽرل وينيو تي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button