رانديون

سعودي ڪلب الهلال پاران ميسي کي 500 ملين يورو جي آڇ

ارجنٽينا کي عالمي ڪپ کٽرائيندڙ ڪپتان ليونل ميسي کي سعودي عرب جي ڪلب الهلال 500 ملين يورو معاوضي جي وڏي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پيرس سينٽ جرمن ڪلب کي الوداع ڪرڻ وارين جاري ڳالهين وچ ۾ الهلال ڪلب اڳ بھ ميسي کي 400 ملين يورو جي آڇ ڪري چڪي آهي، جنهن تي پي ايس جي ميسي کي ٻيهر ٽيم ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، جنهن بعد الهلال آڇ ڪيل معاوضي ۾ 100 ملين يورو جي واڌا ڪندي ان کي 500 ملين يورو تائين آڻي بيهاريو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ليونل ميسي پاران آڇ قبولڻ جي صورت ۾ هو رونالڊو کي پوئتي ڌڪي دنيا ۾ مهانگو ترين فٽبالر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button