رانديون

ايشيا ڪپ جي ميزباني ۾ سريلنڪا شامل، پاڪستان مخالفت ڪري ڇڏي

ايشيا ڪپ جي ميزباني ۾ سريلنڪا شامل ٿي ويو آهي، جنهن جي پاڪستان مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاران پاڪستان ۾ کيڏڻ کان لاڳيتو انڪار ۽ هائبرڊ ماڊل رد ٿيڻ بعد ايونٽ جي ميزباني توڙي جڳهه بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سريلنڪا ايشيا ڪپ جي ميزبان طور مضبوط اميدوار ٿي سامهون آيو، جنهن کي موجودا ماحول ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي جو پڻ سهڪار ملي ويو آهي. ذريعن جي دعوا آهي تھ ايشيا ڪپ جا مقابلا بھ پهرين آگسٽ کان 15 سيپٽمبر تائين ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. هوڏانهن بي سي سي آئي جو چوڻ آهي تھ اهي يو اي اي جي مخالف ان ڪر رهيا آهن جو اتان جي موسم گرم آهي، جنهن سبب ورلڊ ڪپ کان اڳ رانديگر انفٽ ٿي سگهن ٿا. جڏهن تھ پاڪستان سريلنڪا جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي تھ سريلنڪا ۾ برساتن ۽ گيٽ مني مسئلا آهن، جنهن سبب ايونٽ متاثر ٿيڻ جو وڏو خدشو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button