رانديون

پاڪستان ويمن ڪپ ۾ ڊائنامائيٽس هٿان بلاسٽرز کي شڪست

پاڪستان ويمن ڪپ جا ٽي 20 مقابلا شروع ٿي ويا آهن، جنهن ۾ پهرين ميچ ۾ ڊائنامائيٽس جي ٽيم مخالف بلاسٽرز کي 49 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي آهي. ميڊيا مطابق ويمنز ڪپ جي پهرين مقابلي ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بسما معروف جي ٽيم ڊائنامائيٽس 4 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهي مخالف ٽيم کي هدف ڏنو، جنهن جي پويان کيڏندي بلاسٽرز جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهي سگهي ۽ شڪست کائي وئي آهي. جڏهن تھ ڊائنامائٽس فيز ون جي ٻئي مرحلي ۾ پهچي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button