رانديون

پي سي بي اڇي چمڙي جي بنياد تي ڪوچ مقرر ڪيو: رميز راجا

پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا نجم سيٺي کي پرڏيهي ڪوچز مقرر ڪرڻ ۽ مقامي ڪوچز بابت جانبدار هجڻ وارن الزامن تي سخر ردعمل ڏيکاريندي چيو آهي تھ پي سي بي اڇي چمڙي جي بنياد تي ڪوچ مقرر ڪيو آهي. هن پرڏيهي ڪوچ جو نالو وٺڻ مڪي آرٿر تي تنقيد ڪئي ۽ چيو تھ نجم سيٺي هيڊ ڪوچ جي مقرري اڇو رنگ ڏسي ڪئي، ڇوتھ هن کي اهو يقين اٿس تھ سياست نھ ڪندو. رميز راجا چيو تھ پاڪستاني ڪوچز کي نظرانداز ڪرڻ ناانصافي آهي، منهنجي خيال ۾ ڪو گهٽ درجي جي سوچ وارو ماڻهو ئي ائين ڪري سگهي ٿو. ياد رهي تھ نجم سيٺي ڪجهه ڏينهن اڳ بيان ڏنو هو تھ مقامي ڪوچز پنهنجا نوازي ڪندا آهن، پرڏيهي ڪوچز ائين نٿا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button