رانديون

پاڪستان ويمن ڪپ ۾ اسٽرائيڪرز هٿان بلاسٽرز کي شڪست

پاڪستان ڪپ ويمن جي جاري مقابلن ۾ پي سي بي اسٽرائيڪرز جي ٽيم پي سي بي بلاسٽرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي سي اسٽرائيڪرز جي ٽيم 9 وڪيٽن تان پي سي بي بلاسٽرز کي وڏي شڪست ڏني آهي. ان کان اڳ بلاسٽرز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 118 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ اسٽرائيڪرز جي ٽيم شاندار ۽ جارحاڻي راند کيڏندي رڳو هڪ وڪيٽ وڃائي 122 رنسون ٺاهي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button