رانديون

هاڪي جي اڳوڻي ڪوچ پاران رهتن لاءِ قانوني ويڙهه جو اشارو

هالينڊ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ سيگفريڊ ايڪمين پاڪستان کان پنهنجي رهتن جي ادائيگي لاءِ قانوني ويڙهه وڙهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سيگفريڊ ايڪمين ماهوار پگهار نھ ملڻ تي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ واپس ڏيهه هليو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ سيگفريڊ ايڪمين هاڪي جي عالمي تنظيم سان رهتن جي معاملي تي ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان سيگفريڊ ايڪمين جو چون آهي تھ مان رهتن جي ادائيگي لاءِ جيڪو ڪري سگهان ٿو، اهو ضرور ڪندس، پنهنجي وڪيلن سان بھ مشورا ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button