رانديون

ڄنگهن کان محروم اڳوڻي فوجي مائونٽ ايورسٽ فتح ڪري ورتي

نيپال ۾ موجود دنيا جي سڀني کان وڌيڪ بلند ترين جابلو چوٽي مائونٽ ايورسٽ کي ٻنهي ڄنگهن کان محروم اڳوڻي گورکا فوجي فتح ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق گورکا ريجمينٽ جي اڳوڻي سپاهي هري بڌا ماگر افغانستان ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ پنهنجون ٻئي ڄنگهون وڃايون هيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪينٽربري ۾ رهندڙ گورکا سپاهي هري بڌا ماگر دنيا جي بلند ترين چوٽي فتح ڪري وڏو اعزاز ماڻيو آهي،

معذور جبل چاڙهو هري بڌا ماگر فتح جو اعلان ڪندي

جنهن سان هن دنيا ۾ معذوري بابت موجود سوچچ ۾ تبديل ڪري ورتي آهي. هن اها مهم جمعي ڏينهن مڪمل ڪرڻ بعد فون ڪال ذريعي بيس ڪيمپ ۾ آگاهي ڏني. هري بڌا ٻڌايو تھ مون معذوري بابت ماڻهن جي سوچ تبديل ڪري ڇڏي آهي، تڪليف ۾ هئس، پر مون سوچيو تھ هن مهم بابت دنيا معذور کي ٻي نظر سان ڏسندي. ياد رهي تھ هري بڌا ماگر نيپالي جابل چاڙهن سان گڏجي هي مهم پوري ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button