رانديون

ايل سلواڊور ۾ فٽبال ميچ دوران ڀاڄ، 12 ڄڻا لتاڙجي فوت، 90 زخمي

آمريڪي خطي جي ملڪ ايل سلواڊور ۾ مقامي طور ٿيندڙ هڪ فٽبال ميچ دوران شوقينن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا لتاڙجي فوت ٿي ويا آهن ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي آهن، جن مان بھ وڌيڪ فوتگين جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ملڪ جي گادي واري شهر ڪسڪاتلان جي اسٽيڊيم ۾ مقامي ٽيمن اليانزا ۽ فاس وچ ۾ ميچ دوران وڏي رش سبب ماحول گرم هو، شوقينن جو وڏو تعداد ٽڪيٽ نھ ملڻ سبب دروازي کان ٻاهر پڻ بيٺو هو، جنهن دوران ڌڪا ۽ زور لڳڻ تي اسٽيڊيم جو مک دروازو ٽٽڻ بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي، جنهن ۾ 12 ماڻهو لتاڙجي فوت ٿي ويا ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي آهن. هوڏانهن ڀاڄ ۽ انساني جنين جي زيان بعد ميچ ملتوي ڪئي وئي. جڏهن تھ ملڪ جي صدر پاران افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button